پٽ فيڊر واهه

پٽ فيڊر واهه: هيءُ واهه گُڊو بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ ڊيزرٽ پٽ فيڊر واهه مان ڪشمور وٽان نڪري ٿو. هن واهه جي ڊيگهه 624 ’آرڊيون‘ يا 125 ميل آهي. پٽ فيڊر پهريان 25 ميل سنڌ ۾ آهي، باقي 100 ميل بلوچستان مان وهي ٿو. هيءُ پورو واهه هڪ غير آباد پٽ واري علائقي مان نڪتل آهي، جنهنڪري هن واهه تي ’پٽ فيڊر‘ نالو رکيو ويو. پٽ فيڊر واهه تي 6 ڪراس ريگيوليٽر ۽ ٻه روڊ برجون آهن. پٽ فيڊر واهه صرف هڪ پاسي، کاٻي کي آباد ڪري ٿو. هن واهه تي ساڄي پاسي کان ڪا به شاخ نٿي نڪري.


لفظ پٽ فيڊر واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو